Acts 12:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ ڏسو، خداوند جو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو، ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي؛ ۽ هن پطرس کي پاسي تي هٿ لائي جاڳائي چيو، تہ جلدي اُٿ. ۽ هٿڪڙيون سندس هٿن مان ڪِري پيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوچتو ئي خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلھي تي ھٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اٿ.“ ھڪدم ھٿڪڙيون سندس ھٿن مان ٽٽي ڪري پيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن اوچتو ئي پرميشور جو هڪڙو دوت ظاهر ٿيو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. دوت پطرس جي ڪلهي تي هٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اُٿ.“ هڪدم هٿڪڙيون سندس هٿن مان ٽٽي ڪري پيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اوچتو ئي خداوند جو هڪڙو ملائڪ ظاهر ٿيو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلهي تي هٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اُٿ.“ هڪدم هٿڪڙيون سندس هٿن مان ٽٽي ڪري پيون.