Acts 13:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انطاڪيا جي وشواسي منڊليءَ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙن ۽ سکيا ڏيندڙن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو راجا هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انطاڪيا جي ڪليسيا ۾ خدا جو پيغام ڏيندڙن ۽ استادن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو بادشاهہ هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.