Acts 13:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن توريت ۽ نبين جو ڪتاب پڙهي رهيا، تڏهن عبادتخاني جي سردارن سڏائي چين تہ اي ڀائرو، جيڪڏهن اوهان کي ڪا نصيحت جي ڳالهہ ماڻهن کي ٻُڌائڻي هجي تہ ٻُڌايو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادتخانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اتي نيم شاستر ۽ پوِتر شاستر جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اتي توريت ۽ پاڪ ڪلام جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن عبادتخانن جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“