Acts 13:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اُنهي کي برطرف ڪيائين، تڏهن دائود کي سندن بادشاهہ بنايائين؛ ۽ هيءَ شاهدي ڏيئي چيائين، تہ مون کي هڪڙو ماڻهو، يسيءَ جو پٽ دائود، پنهنجي دل وٽان مليو آهي، جو سڀ ڪنهن طرح منهنجيءَ مرضيءَ تي هلندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ ايشور هن کي هٽائي دائود کي انهن جو راجا مقرر ڪيو. ايشور هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘