Acts 13:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن حاڪمن، نڪي کيس قبوليو، نڪي نبين جون ڳالهيون، جي هر ڪنهن سبت جي ڏينهن پڙهبيون آهن، سمجهيون؛ اِنهي سبب، جا فتويٰ جاري ڪيائين، تنهن سان نبين جون ڳالهيون پوريون ڪيائون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن يسوع کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پوِتر شاستر مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن عيسيٰ کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن نبين جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پاڪ ڪلام مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح نبين جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.