Acts 13:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ ’تون منھنجو فرزند آھين ۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ يسوع کي جيوت ڪري اهو وچن پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ عيسيٰ کي جيئرو ڪري اهو واعدو پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.‘