Acts 13:43 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ جڏهن جماعت برخاست ٿي، تڏهن گهڻا يهودي، ۽ سندن ڪيترا ديندار نومريد، پولس ۽ برناباس جي پٺيان آيا، ۽ هنن ساڻن گفتگو ڪري کين همتايو تہ خدا جي فضل تي قائم رهندا اچو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
گڏجاڻي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل ڌرمچاري انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”ايشور جي انهيءَ ڪرپا تي قائم رهندا اچو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل خداپرست ماڻهو انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”خدا جي انهيءَ فضل تي قائم رهندا اچو.“