Acts 13:46 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،