Acts 13:48 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پرميشور جي انهيءَ سنديش جي مهما ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي ايشور امر جيون لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني يسوع مسيح تي وشواس آندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.