Acts 14:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن ھوندي بہ ھن ھميشہ چڱا ڪم ڪري پنھنجي وجود جي شاھدي ڏني آھي. انھيءَ لاءِ ھن مينھن وسائي اوھان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آھن، ڪشادي روزي ڏني آھي ۽ اوھان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل بخشيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“