Acts 14:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِجو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.