Acts 14:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ۽ گھڻا ئي ماڻهو يسوع جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ۽ گھڻا ئي ماڻهو عيسيٰ جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.