Acts 14:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“