Acts 14:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ خداوند عيسيٰ بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. خداوند سندن هٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ٿي ڪيو.