Acts 15:21 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي شريعت جي منادي ڪئي ويندي آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي شريعت جون اهي ڳالهيون يهودين جي عبادت‌خانن ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“