Acts 15:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي.