Acts 15:32 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يھوداہ ۽ سيلاس، جيڪي پاڻ نبي ھئا تن گھڻو وقت تقريرون ڪري ڀائرن کي تسلي ڏني ۽ سندن ھمت ٻڌائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ خدا جو پيغام ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن ايمان وارن کي همتايو ۽ سندن ايمان مضبوط ڪيو.