Acts 15:36 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“