Acts 16:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ هو. سندس ماءُ يهودڻ هئي ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پيءُ يوناني هو.