Acts 16:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ٿواتيرہ شهر جي لديہ نالي هڪڙي خدا پرست زال، جا واڱڻائي رنگ جو مال وڪڻندي هئي، تنهن بہ اسان جي ڳالهہ پئي ٻُڌي: انهيءَ جي دل خدا کولي، تہ جيڪي ڳالهيون پولس پئي ڪيون، سي ڌيان ڏيئي ٻُڌي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن نارين ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ ايشور ڀڳت ناري بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. پرميشور هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن عورتن ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ خداپرست عورت بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. خداوند هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي.