Acts 16:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پولس جي مرضي هئي تہ اُهو ساڻس هلي؛ پر جيڪي يهودي اُتي هئا، تن جي ڪري هن جو ختنو ڪيائين، ڇالاءِ جو اُنهن سڀني کي خبر هئي تہ هن جو پيءُ يوناني هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس ختنو ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي سڌ هئي تہ تيمٿيس جو پتا غير يهودي هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس طهر ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي خبر هئي تہ تيمٿيس جو پيءُ غير يهودي هو.