Acts 16:37 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر پولس هنن کي چيو تہ اسين جي رومي آهيون، تن کي بنا قصور ثابت ڪئي عام خلق جي اڳيان مار ڏيئي قيدخاني ۾ کڻي وڌو اٿن، سو هاڻ اسان کي ماٺ ميٺ ۾ ڪڍي ڇڏيندا ڇا؟ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ اچي اسان کي ڪڍن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپچاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر پولس سپاهين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آهيون، تن کي هنن بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عام خلق جي اڳيان چهبڪ هڻائي جيل ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي هو چپ چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائڻ چاهين ڇا؟ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو. انهن کي چئو تہ اهي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاهر وٺي هلن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)