Acts 16:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيئن هو شهرن مان لنگهندا ويا، تيئن جيڪي حڪم رسولن ۽ بزرگن يروشلم ۾ جاري ڪيا هئا، سي کين مڃڻ لاءِ ڏيندا ويا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي وشواسي منڊلين کي يروشلم جي سنتن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين جيون گذارڻو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي ڪليسيائن کي يروشلم جي رسولن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين زندگي گذارڻي هئي.