Acts 17:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.