Acts 17:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِجو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ پولس يسوع ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا شاستري ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ پولس عيسيٰ ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جي منادي ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“