Acts 17:31 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو ھن ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھو سڄي جھان جو عدل ۽ انصاف انھيءَ ماڻھوءَ جي ھٿان ڪندو جنھن کي ھن اڳ ۾ ئي چونڊي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ ھن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ھر ڪنھن تي اھا ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏي آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“