Acts 17:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اُهي نہ ملين، تڏهن ياسون، ۽ ڪن ڀائرن کي گهلي، شهر جي حاڪمن وٽ وٺي آيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو، جن جهان ۾ گڙٻڙ مچائي ڇڏي آهي، سي هتي بہ آيا آهن؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين وشواسين کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄي سنسار ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن