Acts 18:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِ⁠جو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس زال پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو