Acts 18:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ هن پرڀو يسوع واري رستي تي هلڻ جي سکيا حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان يسوع جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ يسوع بابت صحيح سکيا ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يوحنا واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ هن خداوند عيسيٰ واري رستي تي هلڻ جي تعليم حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان عيسيٰ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ عيسيٰ بابت صحيح تعليم ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.