Acts 18:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اپلوس جي مرضي ٿي تہ ”آءٌ يونان جي پرڳڻي اخيا وڃان،“ تہ ڀائرن کيس ھمتايو ۽ يونان جي شاگردن ڏانھن تاڪيدي خط لکيائون تہ ھو يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. جڏھن ھو اتي پھتو تہ ھو انھن جو وڏو مددگار ٿي پيو، جن خدا جي فضل سان ايمان آندو ھو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي وشواسين کيس همتائيندي يونان جي وشواسين ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن ايشور جي ڪرپا سان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو، تن جي وڏي همت‌افزائي ڪيائين،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي ايمان وارن کيس همتائيندي يونان جي ايمان وارن ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن خدا جي فضل سان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو، تن جي وڏي همت‌افزائي ڪيائين،