Acts 18:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادت⁠خاني جي ڀرسان ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو خداپرست غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي عبادت‌خاني جي ڀرسان هو.