Acts 18:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ عبادتخاني جي سردار ڪرسپس، توڙي سندس خاندان، خدا تي ايمان آندو؛ ۽ ڪيترن ئي ڪرنٿين بہ پولس جي ڳالهہ ٻُڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عبادتخاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پرڀو يسوع تي وشواس آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو سنديش ٻڌي وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عبادتخاني جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو پيغام ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.