Acts 19:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ڪي رولو يهودي، جي ڀوپا هئا، تن هي رستو ورتو، تہ جن ۾ ڀوت هجن، تن کي خداوند يسوع جو نالو وٺي هيئن چون، تہ ”يسوع، جنهن جي منادي پولس ٿو ڪري، تنهن جي نالي جي آئون توکي ڊوهي ٿو ڏيان.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ پرڀو يسوع جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي يسوع جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جو پولس پرچار ڪري رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جي پولس منادي ڪري رهيو آهي.“