Acts 19:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ مان نہ رڳو اهو خطرو آهي تہ اسان جي ڌنڌي جي بي عزتي ٿيندي، پر مهاديويءَ ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ ايندو؛ ۽ جنهن کي سارو آسيہ، بلڪ سڄي دنيا پوڄي ٿي، تنهن جي وڏائي هلي ويندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو خطرو اھو آھي تہ متان اسان جو ھي ڌنڌو خراب نہ ٿئي. نہ رڳو ايترو پر اھو بہ انديشو آھي تہ متان مھاديوي ارتميس جو مندر بہ ڪين جھڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنھن ديويءَ جي پوڄا ايشيا پرڳڻي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن جي عظمت ختم ٿي نہ وڃي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان مهاديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوجا آسيا صوبي توڙي سڄي سنسار جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي مهانتا ختم نہ ٿي وڃي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان عظيم ديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوڄا آسيا صوبي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي عظمت ختم نہ ٿي وڃي.“