Acts 19:28 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جيءَ.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھنن لفظن ٻڌڻ سان ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪندي نعرا هڻڻ لڳا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪندي نعرا هڻڻ لڳا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس عظيم آهي!“