Acts 19:32 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو ڪن واڪا ڪري هڪڙي ڳالهہ پي ڪئي، ڪن ٻي؛ ڇالاءِ جو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا، تن ۾ گڙٻڙ پئجي ويئي، ۽ منجهانئن گهڻن کي تہ اها بہ خبر ڪانہ هئي تہ هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻتہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ سڌ نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ خبر نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.