Acts 19:35 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ شهر جي مکيہ عملدار ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو، تہ ”اي افسيو، اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر نہ آهي تہ افسس شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو، ۽ جيڪو پتلو زيوس مان ڪِريو هو، تنهن جو پوڄاري آهي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو سنڀاليندڙ آهي ۽ ان جو پٿر بہ آڪاش مان هتي پرگھٽ ٿيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر عظيم ديوي ارتمس جي مندر جو رکوالو آهي ۽ ان جو پٿر بہ آسمان مان هتي نازل ٿيو هو.