Acts 19:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يوحنا تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي وشواس آڻجو،‘ يعني يسوع تي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي پولس کين چيو تہ ” يحيٰ تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“