Acts 19:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ هو عبادتخاني ۾ وڃي ٽن مهينن جي عرصي تائين همت سان ڳالهائيندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جي ڳالهين بابت بحث ڪندو ۽ ماڻهن کي مڃائيندو رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان ايشور جي راڄ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان خدا جي بادشاهيءَ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.