Acts 19:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي ايمان نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو خداوند عيسيٰ جي انهيءَ رستي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ ايمان وارن کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.