Acts 2:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا فرمائي ٿو تہ ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس. اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون، اوھان جا جوان رويا ڏسندا ۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجو روح سڀني ماڻهن تي نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسندا.