Acts 2:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن ڪري جو دائود هن بابت چيو آهي تہ ”آئون خداوند کي هميشہ پنهنجي روبرو پيو ڏسندو هوس؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تہ متان مون کي لوڏو اچي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ ’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو، ڇالاءِجو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو راجا دائود اڳ ۾ ئي يسوع جا لفظ لکيا تہ ’مون تو پرميشور کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو دائود اڳ ۾ ئي عيسيٰ جا لفظ لکيا تہ ’مون تو خداوند کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي.