Acts 2:31 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو اها پيش بيني ڪري هن مسيح جي وري جي اُٿڻ جي ڳالهہ ڪئي، تہ نڪي هو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم سڙي ويندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ ايشور ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيوت ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس شرير ڳري سڙي ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس جسم ڳري سڙي ويندو.