Acts 20:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني شاگردن کي گڏ ڪيو ۽ کين نصيحت ڪرڻ کان پوءِ کانئن موڪلايائين. پوءِ ھو اتان روانو ٿي مڪدونيا ڏانھن ھليو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني وشواسين کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني ايمان وارن کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.