Acts 20:32 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هاڻي آئون اوهان کي خدا ۽ سندس فضل واري ڪلام جي سپرد ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ جي پاڪ ٿيل آهن، تن سڀني سان گڏ ورثو ڏئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي آءٌ اوهان کي ايشور ۽ سندس انهيءَ ڪرپا واري سنديش جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي شڪتي آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث بخشي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي آءٌ اوهان کي خدا ۽ سندس انهيءَ فضل واري پيغام جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث عطا ڪري.