Acts 20:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ فطيري مانيءَ وارن ڏينهن کانپوءِ، اسين فلپيءَ مان جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، ۽ پنجن ڏينهن ۾ تروآس ۾ اچي وٽن پهتاسين؛ ۽ اتي ست ڏينهن ٽڪي پياسين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين بيخميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ سامونڊي جھاز ۾ چڙھي فلپيءَ مان روانا ٿي وياسون ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ انھن سان اچي تروآس ۾ ملياسين، جتي اسين ھڪ ھفتو رھياسون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
بيخميري روٽيءَ جي تهوار کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بيخميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.