Acts 20:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن اسين ماني ڀڃڻ لاءِ گڏ ٿياسين، تڏهن پولس ٻئي ڏينهن اُتان نڪرڻ جي ارادي سان، ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لڳو، ۽ آڌيءَ رات تائين تقرير ڪندو رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. پولس ماڻھن سان ڳالھائيندو رھيو ۽ سندس تقرير اڌ رات تائين جاري رھي، ڇالاءِجو ھو ٻئي ڏينھن تي روانو ٿيڻ وارو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.