Acts 20:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ دريءَ تي هڪڙو جوان يوتخس نالي ويٺو هو، جنهن کي ڏاڍي گهري ننڊ کڻي ويئي، ۽ جيئن پولس اڃا بہ وڌيڪ وقت تقرير ڪندو رهيو، تيئن هو ننڊ جي خمار ۾ ٽماڙ تان هيٺ ڪِري پيو، جو مُئل اچي کنيائونس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يوتخس نالي ھڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو ھو، سو جيئن پولس ڳالھائيندو رھيو تيئن ان کي ننڊ وٺندي ويئي، تان جو کيس گھري ننڊ وٺي ويئي ۽ ھو ٽِماڙ تان ھيٺ ڪري پيو. جان اچي کيس کڻن تہ ھو مري چڪو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)