Acts 21:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
قيصريہ شھر جا ڪي شاگرد بہ اسان سان گڏ ھليا. انھن اسان کي مناسون نالي ھڪڙي شخص جي گھر آندو، جنھن وٽ اسان کي رھڻو ھو. ھو قبرص جو رھاڪو ۽ ھڪ جھونو شاگرد ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
قيصريہ شهر جا ڪي وشواسي بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو وشواسي هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قيصريہ شهر جا ڪي ايمان وارا بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو ايمان وارو هو.