Acts 21:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر غير قومن منجهان جن ايمان آندو آهي، تن جي نسبت ۾ اسان فيصلو ڪري لکيو هو، تہ هنن کي گهُرجي تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيل آهن تن کان، ۽ رت کان، ۽ جن جانورن کي گهُٽي ماريو اٿن تن کان، ۽ زنا کان پاسو ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر غير قومن مان جن ايمان آندو آھي، تن کي اسان فيصلو ڪري لکي موڪليو آھي تہ اوھين اھو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي ۽ رت يا ان جانور جو گوشت نہ کائو، جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
باقي رهيا غير قوم وارا جن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
باقي رهيا غير قوم وارا جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“